سلطنت عثمانيه سن
1299ع کان
1922ع تائين قائم رهڻ واري هڪ
مسلم سلطنت هئي جنهن جا حڪمران
ترڪي هيا۔ پنهنجي عروج جي زماني ۾ هي سلطنت ٽن
کنڊن تي ڦهليل هئي ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جو گھڻو حصو هن جي نگراني هيٺ هيو۔ هن عظيم سلطنت جون سرحدون اولهه ۾ آبنائي جبرالٽر، اوڀر ۾ قزوين سمنڊ ۽ فارس نار ۽ اتر ۾
آسٽريا جي سرحدن، سلوواڪيه ۽ ڪريميا (هاڻوڪو
يوڪرين) سان ڏکڻ ۾ سوڊان،
صوماليه ۽
يمن تائين ڦهليل هيون۔ مالدووا، ٽرانسلوانيا ۽ ولاچيا جي علائقن کان علاوہ هن جا 29 صوبا هيا. سليم ۽ سليمان جي دورن ۾ عثماني بحريه دنيا جي عظيم ترين بحري قوت ٿي جنهن روم سمنڊ جا ڪافي علائقا فتح ڪيا۔ انهن فتحن ۾ اهم ترين ڪردار عثماني امير البحر خير الدين پاشا باربروسا جو رهيو جنهن سليمان جي دور ۾ ڪافي شاندار عسڪری فتحون حاصل ڪيون. اولهہ يورپ جي سلطنتن جو بطور بحري قوت اڀرڻ ۽ يورپ کان
ايشيا جي لاء متبادل رستن ۽ "نئين دنيا" (
آمريڪا) جي دريافت عثماني معيشت کي زبردست نقصان پهچايو. عثمانين جي زوال جي دور کي جو هڪ سبب جديد دور به قرار ڏنو ويندو آهي. هن دور ۾ سلطنت هر محاذ تي شڪست کاڌي ۽ ان جون سرحدون گھٽجنديون ويون تنظيمات (اصلاحن) جي باوجود مرکزي حڪومت جي ناڪامي جي ڪري انتظامي عدم استحڪام پيدا ٿيو۔ 19 هين صدي جي دوران سلطنت عثمانيه سميت ڪافي ملڪن ۾ قوم پرستي کي عروج نصيب ٿيو. مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ سلطنت عثمانيه ۾ ورهاست جو عمل قسطنطنيه تي قبضي جي 13 ڏينهن بعد 30 آڪٽوبر 1918ء تي مدروس معاهدي جي ذريعي شروع ٿيو.
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.