مُک صفحو
ڊاڪٽر هوتچند مولچند هربخشاڻي(انگريزي: Dr. Hotchand Molchand Gurbakhshani) تاريخ 8 مارچ 1884ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. . ڊي_جي سنڌ ڪاليج مان 1905ع ۾ بي_اي ۽ ولسن ڪاليج بمبئي مان 1919ع ۾ ايم_اي پاس ڪيائين لنڊن ۾ يونيورسٽي ۾ ”انگريزي شاعري ۾ تصوف“ جي موضوع تي مقالولکيائين، جنهن تي کيس پي-ايڇ-ڊي جي ڊگري ڏني ويئي. 1908ع ۾ ڊي-جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب 11 فيبروري 1947ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت پاڻ ڊي - جي ڪاليج جو پرنسپال هو. آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي کي سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ گهڻو چاهه هو. پاڻ هڪ اعليٰ اديب هو ۽ جيتوڻيڪ سندس تصنيفون ٿوريون آهن. پر موضوع ۽ تحقيق جي لحاظ کان سنڌي ادب جو اهم ترين سرمايو آهن.
يادگارِ پاڪستان ھڪ قومي يادگار آھي، جيڪو اسلام آباد ۾ شڪرپڙيان جبلن ۾ واقع آھي. ھي يادگار پاڪستان جي ماڻھن جي ٻڌي ۽ ايڪي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٺاھيو ويو. ھي يادگار انھن پاڪستانين جي نالي ڪيو ويو جن پنھنجو حال مستقبل لاءِ قربان ڪيو. ھن يادگار ۾ چار گلن جي پنکڙين وانگر ٺھيل منارا پاڪستان جي چار وڏين ثقافتن، پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پختون کي ظاھر ڪن ٿا. ٽي ننڍا منارا، اقليتي، آزاد ڪشمير، ۽ گلگت بلتستان جي ثقافتن کي اجاگر ڪن ٿا. ھي يادگار ھڪ سياحتي مرڪز آھي جيڪو اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان پڻ نظر ايندو آھي. قومي يادگار ٺھرائڻ جو خيال پھرين دفعي حڪومت پاڪستان پيش ڪيو، جنھن جي معاونت ممتاز مفتي جي پٽ عڪسي مفتي ڪئي.
- آئبريا جي جھنگلي ٻليَ(تصوير) کي نئين درجابندي تحت "خطري ۾" کان "غير محفوظ جنسن" ۾ شامل ڪيو ويو آھي.
- آمريڪي بيس بال کلاڙي ولي ميز 93 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.
وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 17,608 مضمون موجود آهن.
بانڪڙو |
- تلوار جو وار جسم کي زخمي ڪندو آهي. ۽ خراب ڳالھہ روح کي زخمي ڪندي آهي.
- ... ته عورتن کي پهريون دفعو ووٽ جو حق 1893ع تي نيوزيلينڊ ۾ ڏنو ويو، اهو حق آمريڪا ۾ 1920ع ۽ سعودي عرب ۾ 2011ع تي ڏنو ويو.
- ... ته انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو بنياد 1989ع تي پيو. ڪمپيوٽر سينٽر ۽ الڳ الڳ قسمن جي لغتن کان سواءِ هتي سنڌي ٻولي جا اسڪول پڻ هلايا وڃن ٿا.
- ... ته ڪنهن ڪتاب يا ادبي تصنيف جي شروع ۾ لکيل مضمون کي پيش لفظ چئبو آهي. پيش لفظ اڪثر ليکڪ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪتاب جي باري ۾ لکندو آهي.
- ... ته 1937ع وارين سنڌ جي صوبائي چونڊ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي 22 سيٽون کڻي اڪثريتي پارٽي بڻي، تنهن باوجود سنڌ جي گورنر اقليتي تنظيم سنڌ مسلم پوليٽڪل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني.
- ... ته انڊس اسڪرپٽ فونٽ آسڪو پرپولا جي پي ايڇ ڊي ٿيسز، جي بنياد تي ٺاهيل ڪمپيوٽر فنٽس جو نالو آهي، جيڪي شبير ڪنڀار ۽ امر فياض ٻرڙي جوڙيا.
سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 17,608 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.
|
مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو. |