(Go: >> BACK << -|- >> HOME <<)

سانچو:مُک صفحو/بهترين مضمون

يادگارِ پاڪستان ھڪ قومي يادگار آھي، جيڪو اسلام آباد ۾ شڪرپڙيان جبلن ۾ واقع آھي. ھي يادگار پاڪستان جي ماڻھن جي ٻڌي ۽ ايڪي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٺاھيو ويو. ھي يادگار انھن پاڪستانين جي نالي ڪيو ويو جن پنھنجو حال مستقبل لاءِ قربان ڪيو. ھن يادگار ۾ چار گلن جي پنکڙين وانگر ٺھيل منارا پاڪستان جي چار وڏين ثقافتن، پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پختون کي ظاھر ڪن ٿا. ٽي ننڍا منارا، اقليتي، آزاد ڪشمير، ۽ گلگت بلتستان جي ثقافتن کي اجاگر ڪن ٿا. ھي يادگار ھڪ سياحتي مرڪز آھي جيڪو اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان پڻ نظر ايندو آھي. قومي يادگار ٺھرائڻ جو خيال پھرين دفعي حڪومت پاڪستان پيش ڪيو، جنھن جي معاونت ممتاز مفتي جي پٽ عڪسي مفتي ڪئي.