ايشيا: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1: سِٽَ 1:
{Infobox continent
{{Infobox continent}
{|
| title = ايشيا
| title = ايشيا
|image = [[فائل:Asia on the globe (Asia centered).svg|alt=Globe centered on Asia, with Asia highlighted. The continent is shaped like a right-angle triangle, with Europe to the west, oceans to the south and east, and Oceania to the south-east.|220px]]
|image = [[فائل:Asia on the globe (Asia centered).svg|alt=Globe centered on Asia, with Asia highlighted. The continent is shaped like a right-angle triangle, with Europe to the west, oceans to the south and east, and Oceania to the south-east.|220px]]

ورجاءُ بمطابق 15:06, 10 مَئي 2024ع

{{Infobox continent}

title = ايشيا image = Globe centered on Asia, with Asia highlighted. The continent is shaped like a right-angle triangle, with Europe to the west, oceans to the south and east, and Oceania to the south-east. area = چورس ڪلوميٽر 4,45,79,000 چورس ڪلوميٽر


1,72,12,000 چورس ميل (پهريون)[1]

population = (پهريون) 4,46,26,76,731 density = چورس ڪلوميٽر 100/چورس ڪلوميٽر
260/چورس ميل
GDP_nominal = عام 28.23 ٽريلين آمريڪي ڊالر (پهريون) (2017) GDP_PPP = پھریون 56.62 ٽريلين آمريڪي ڊالر (پهريون) (2017) GDP_per_capita = پنجون 6,690 آمريڪي ڊالر (پنجون) (2017)[2] demonym = ايشين يا ايشيائي countries = انونجاہ 49 گڏيل قومن جا ميمبر
هڪ گڏيل قومن جو مبصر

پنج ٻيون رياستون

list_countries = ملڪ dependencies = languages = ٻولين جي فهرست time = زون UTC+2 کان UTC+12 internet = .asia cities = ايشيا جي ميٽروپوليٽن علائقن جي فهرست
ايشيا ۾ شهرن جي فهرست
دنيا جي نقشي ۾ ايشيا ڱي نمايان ڪيو ويو آهي.
ايشيا جو جاگرافيائي نقشو

ايشيا (Asia) دنيا جو ايراضي ۽ آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو کنڊُ آهي. هي زمين جي ڪل ايراضي جو 8.6 سيڪڙو آهي، خشڪي جو 29.4 سيڪڙو ۽ ڪل آبادي جو 60 سيڪڙو حصي جو حامل آهي.[4] ايشيا يوريشيا جي زمين کي يورپ سان ۽ افرويوروشيا جي ٻنهي يورپ ۽ آفريڪا سان حصيداري ڪري ٿو. عام اصطلاحن ۾، ان جي اوڀر طرف پئسفڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ هندي سمنڊ ۽ اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ آهي. يورپ سان ايشيا جي سرحد هڪ تاريخي ۽ ثقافتي تعمير آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي وچ ۾ ڪابه واضح جسماني ۽ جاگرافيائي علحدگي نه آهي. اهو ڪنهن حد تائين خودمختيار آهي ۽ ڪلاسيڪل آڳاٽي دور ۾ ان جي پهرين تصور کان وٺي هليو ويو آهي. يوريشيا جي ٻن براعظمن ۾ ورهاڱي اوڀر۔اولهه ثقافتي، لساني ۽ نسلي فرق کي ظاهر ڪري ٿي، جن مان ڪي هڪ تيز ورهائڻ واري لڪير جي بجاءِ اسپيڪٽرم تي مختلف آهن. ھڪڙو عام طور تي قبول ٿيل ڀاڱو ايشيا کي سویز ڪينال جي اوڀر ۾ رکي ٿو جيڪو ان کي آفريڪا کان جدا ڪري ٿو ۽ ترڪي جي آبنائي جي اوڀر ۾ يورال جبل ۽ يورال ندي ۽ ڏکڻ ۾ قفقاز جبل ۽ ڪئسپين سمنڊ ۽ ڪارو سمنڊ، ان کي يورپ کان جدا ڪري ٿو. چين ۽ ھندستان پھرین کان 18ھین صدی عيسوي تائين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت جي حيثيت سان واپار ڪيا. چين 15ھین صدی عیسوی تائين سڀ کان وڌيڪ جي ڊي پي في ماڻهوءَ سان گڏ رڪارڊ ٿيل تاريخ جي تمام وڏي معاشي طاقت هئي. ريشم روڊ ايشيائي ڏورانهن علائقن ۾ مکيه اوڀر۔اولهه واپاري رستو بڻجي ويو جڏهن ته ملاڪا جي آبنائي هڪ وڏي سامونڊي رستي جي حيثيت ۾ بيٺي. ايشيا 20ھین صديءَ دوران معاشي متحرڪ ۽ مضبوط آبادي جي واڌ جو مظاهرو ڪيو آهي، پر مجموعي طور تي آبادي جي واڌ ۾ گهٽتائي آئي آهي. ايشيا دنيا جي اڪثر مکيه مذهبن جي جنم ڀومي آهي، جنهن ۾ هندومت، زرتشت ازم، يهوديت، جين مت، ٻڌمت، ڪنفيوشسزم، تائو ازم، عيسائيت، اسلام، سک مذھب ۽ ٻيا ڪيترائي مذهب شامل آهن. ايشيا مختلف علائقن ۾ ۽ ان جي اندر نسلي گروهن، ثقافتن، ماحوليات، اقتصاديات، تاريخي لاڳاپن ۽ حڪومتي نظامن جي حوالي سان تمام گهڻو مختلف آهي. اهو پڻ ڪيترن ئي مختلف موسمن جو ميلاپ آهي جنهن ۾ خط استوا ڏکڻ کان اولهه ايشيا جي گرم ريگستانن، اوڀر ۾ معتدل علائقن ۽ براعظمي مرڪز کان سائبيريا ۾ وسيع سب۔آرڪٽڪ ۽ پولر علائقن تائين آهن.

وصف ۽ حدون

تفصيلي تعارف

ايشيا روايتي طور تي يوريشيا جو حصو آهي جنهن جي اولهہ وارو حصو يورپ آهي . عام طور تي ارضياتي ماهر ۽ طبعي جاگرافي دان ايشيا ۽ يورپ کي الگ کنڊ تصور نہ ڪندا آهن ۽ زمين جو هڪ وڏو حصو قرار ڏيندا آهن. جاگرافي ۾ ٻہ مڪتب فڪر آهن هڪ تاريخي حوالن جي تحت يورپ ۽ ايشيا کي الگ کنڊ قرار ڏيندو آهي جڏهن ته ٻيو يورپ جي لاء کنڊ ۽ ايشيا جي لاء خطي جو لفظ استعمال ڪندو آهي.

مالٽا جي شھر ويلٽا ۾ پلازو فريرئا محل ۾ لڳل ايشيا جو مجسمو

مغرب (يورپ) ڏي ڪوبه اوتار پيدا ٿيو ئي ڪونهي. حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ، حضرت محمد ﷺ، زردشت (زورئسٽر)، سري رامچندر، سري ڪرشن، ڪانفيوشس ۽ ٻيا اوتار ۽ پيغمبر سڀ پورب ۾ ٿي گذريا آهن. يوروپي لوڪن کي بائيبل يا انجيل به ايشيا مان مليو، ته مذهب به ايشيا مان ملين. سر مونيئر وليمس اهي ڳالهيون ڄاڻائي ائين به چيو آهي ته انگن جا نالا ۽ ڏهائيءَ جي ترتيب به هنن هندستان مان پرايا. پاٽ صاحب چيو آهي ته جيئن سج اڀرندو ئي اڀرندي کان آهي تيئن سڀيتا جو سج به اول پورب (ايشيا) ۾ اڀريو، جنهن مان پوءِ پڇم يا مغرب (يورپ) کي روشنائي ملي؛ بلڪه سڄي انسان ذات پورب منجهان ئي پرايو. سن 1882ع ۾ پروفيسر مئڪس ملر کليو کلايو قبول ڪيو ته اسين يوروپي لوڪ پورب کان آيا آهيون، ۽ سڀ جيڪي قيمتي سمجهون ٿا، سو پورب مان پرايو اٿئون[5]

ايفروايشيا

يوريشيا

ايفرويوريشيا

سائي رنگ سان ڏيکاريل ايفرويوريشيا

ايشيا جا خطا

تاريخ

ايشيا لفظ جي مطلب جي مختلف ٻولين ۾ اڃان ڪا خبر نہ پئي آهي پر تاريخ ۾ تمام پراڻي دؤر کان ھي لفظ مروج آھي . رومي سلطنت ۾ ھڪ صوبي جو نالو ايشيا ھيو.

رومن امپائر جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل ايشيا نالي سان ھڪ صوبو

ملڪ

تسليم نہ ٿيل ملڪ

جاگرافيائي خوبيون

ايشيا جي ھماليہ جبلن جي قطار جتي دنيا جون وڏيون چوٽيون واقع آھن

ايشيا دنيا جو سڀ کان وڏو کنڊ آهي. جتي دنيا جي سڀ کان اوچي، سڀ کان هيٺاهين ۽ سڀ کان ٿڌي ترين جڳهه آهن. ( مائونٽ ايوريسٽ دنيا جي بلند ترين چوٽي، اولهه جي طرف  مريل سمنڊ Dead Sea سمڊ جي سطح مان سڀ کان هيٺاهين جڳهه ۽ اتر سائبيريا جون جڳهون). ايشيا ۾ ڪنهن به کنڊ کان وڌيڪ ماڻهو رهائش پذير آهن جن ۾ هڪ  ڏهائي ٻه ارب آبادي چين ۽ 94 ڪروڙ ڀارت ۾ آباد آهن.

Ptolemy's Asia

ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هزارين جزيرا آهن جتي آتش فشائن جو ڦاٽڻ ۽ زلزلا اچڻ روز جو معمول آهي. انهن زلزلن ۾ سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ ڊسمبر 2005ع ۾ هندي وڏي سمنڊ ۾ پاڻي هيٺ آيل زلزلو هيو جنهن سان پيدا ٿيل لهرون ”سونامي“ هندي وڏي سمنڊ جي چوڌاري وسندڙ ملڪن جي لکن ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون.

ڏکڻ اتر ايشيا ۾ جھنگن جي وڏي تعداد آهي خاص ڪري ٿائيلينڊ، بورنيو جا جزيرا، سلاويسي، جاوا ۽ سماترا جاجھنگ مشهور آهن.

ايشيا ۾ دنيا جا ڪيترائي مشهور ريگستان آهن جن ۾ عربستان جو ريگستان، شام جو ريگستان، ٿر، ٿل، ڪراڪم، ٽڪلا مڪان، گوبي دنيا جا وڏا ريگستان شمار ٿيندا آهن.

ايشيا ۾ دنيا جا ڪيترائي درياهه به آهن جن ۾ سنڌو، گنگا، جمنا، برهم پترا، ميڪانگ، فرات، دجله،سيحون، اوب، لينا، دنيا جي وڏن درياهن مان آهن

ڍنڍن ۾ قزوين ڍنڍجنهن کي وڏو هجڻ جي ڪري سمنڊ به سمجھيو ويندو آهي، دنيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي. انکان علاوه ارال ڍنڍ، بالڪش ڍنڍ، بيڪال ڍنڍ، وان ڍنڍ دنيا ۾ سڃاتيون وينديون آهن.

ٻيٽن ۾ سماترا، بورنيو ۽ نيو گني دنيا جي وڏن ٻيٽن مان آهن.

سياسي خوبيون

ايشيا مخطلف تهذيبن جو مسڪن آهي. هتي جي زمين، ماڻهن ۽ روايتن ۾ وڏو فرق ملي ٿو. سوويت يونين ڪجي ٽٽڻ سان هتي ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان جون نيون رياستون وجود ۾ آيون. ڏکڻ اولهه جي زياده تر ملڪن جو عوام مسلمان آهن پر قوميت ۽ مسلڪن جي بنيادن تي ورهايل آهن. ڀارت دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت آهي جڏهن ته چين دنيا جي تيزي سان وڌندڙ معاشي ۽ طاقتور قوت آهي.

آبادي جون خوبيون

کنڊ جي گهڻي آبادي وڏن درياهن جي ڪنارن تي آباد آهي جنهن جي ڪري هتي گهڻي آبادي جو ڪمائي جو ذريعو زراعت آهي. گنگا، سنڌو، زرد، يانگزي، ۽ ٻين درياهن جي اردگرد جا علائقا تمام گهڻن ماڻهن پاران آباد ڪيل آهن. ٻي طرف معدني دولت جي حاصلات لاء ماڻهو اهڙن علائقن ۾ به رهائش پذير آهن جتي آبادي تمام گهٽ آهي مثلاً تيل جي ڳولها ۾ عربستان جا ريگستان ۽ سائبيريا جا ٿڌا ميدان.

ايشيا کنڊ جا ريگستان ۽ پهاڙي علائقا تقريبن غيرآباد آهن. ڀارت ۽ جاپان دنيا جا گهاٽي آبادي وارن علائقن مان آهن. چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي ۽ دنيا جي آبادي جو تقريبن ويهه سيڪڙو چين ۾ رهي ٿو، جڏهن ته ڀارت ۾ به آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هو جلد چين کي پوئتي ڇڏي ويندو.

هتي جيئن تهذيبن ۾ فرق آهي اتي عوام جي معيار زندگي به تمام مختلف آهي. هڪ طرف جاپان ۽ وچ اولهه جي نار وارين رياستن جي عوام جو طرز زندگي اعلي‘ معيار جو آهي ته ٻئي طرف دنيا جا ڪجهه غريب ترين ملڪبه ايشيا ۾ آهن جن ۾ اتر ڪوريا، بنگلاديش، افغانستان ۽ لائوس قابلِ ذڪر آهن. ايشيا جي غريب ملڪن جي معيشت خانه جنگن، قحط، ٻوڏ، قدرتي آفتن ۽ زراعت جي لاء جديد تريقي ڪار اختيار نه ڪرڻ جي ڪري شديد مشڪلن کي منهن ڏين پيا۔

معاشي خوبيون

ايشيا جي اقتصادي حالت
2003ء جي دوران
آبادي: 3,958,768,100

(2006ء اندازاً)

جي ڊي پي (پي پي پي): 18.077 ٽريلين آمريڪي ڊالرز
جي ڊي پي (ڪرنسي): 8.782 ٽريلين ڊالرز
جي ڊي پي في ڪس (پي پي پي): 4,518 ڊالرز
جي ڊي پي في ڪس (ڪرنسي) 2,143 ڊالرز
  لک پتيMillionaires 2.0 ملين (0.05%)
  گھڻا انگ اکر  گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام 2002ء مان حاصل ڪيل آهن، ڪجهه انگ اکرن ۾ معلومات جي گھٽتائي جي ڪري مختلف ملڪن کي خارج ڪيو ويو آهي۔

ايشيا جي گھڻي آبادي جي ڪمائي جو ذريعو زراعت آهي ۽ ڪجهه ملڪن ۾ ته صنعتون به تمام گھٽ آهن۔ اوڀر چين ۽ روس ۾ وڏيون صنعتون آهن پر سڀ کان وڌيڪ صنعتي پيداوار جي لحاظ کان جاپان سرفهرست آهي۔ جاپان بجلي ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي صنعت ۾ عالمي اڳواڻ سمجھيو ويندو آهي جڏهن ته تائيوانئ ڏکن ڪوريا ۽ سنگاپور به بجلي جون مصنوعات تيار ڪندا آهن۔ هاڻوڪي سالن ۾ تائيوان ۽ ملائيشيا جي معيشتن وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ انهن کي ”ايشين ٽائيگر“ چيو ويندو آهي۔

ايشيا جي گھڻي زمين بنجر يا سخت يا خشڪ موسم جي ڪري پوکي راهي جي قابل ناهي جيئن تبت، سائبيريا، عربستان جو گھڻو حصو پوک جي قابل نه آهي۔ کنڊ جون سڀ کان وڌيڪ زرخيز زمينون چين، هندستان ۽ پاڪستان درياهن سان گڏ آهن جتي چانور پوکيا ويندا آهن۔ انکان علاوه ٻيون به پوکون ڪيون وينديون آهن جيئن ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ خارڪون، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ رٻڙ، ڀارت، چين ۽ سريلنڪا ۾ چانهه ۽ ڏکڻ اوڀر جي ٻيٽن ۾ ناريل۔

حوالا

  1. National Geographic Family Reference Atlas of the World. Washington, D.C.: National Geographic Society (U.S.). 2006. p. 264. 
  2. "IMF (WEO April 2017 Edition) GDP nominal per capita – international dollar". 
  3. World urban areas
  4. "The World at Six Billion". UN Population Division. وقت March 5, 2016 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. , Table 2
  5. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4.  Missing or empty |title= (مدد)سانچو:" We all come from the East-all that we value most has come to us from the East," Prof. Max Muller: what canIndia teach us? Pp. 31-32.{{"The path of the sun must be the path of culture. In Asia, Pott declares, or nowhere was the school-hose where the families of mankind were trained." Quoted by Dr. A.C. Das: Reg Vedic India, p. 357.}}}